نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 5:18-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“

19. ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ.

20. جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.

21. خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر.

22. ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.

23. ھاڻي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر پنھنجي معدي ۽ اڪثر بيمار رھڻ جي ڪري ٿوري مئي استعمال ڪندو ڪر.

24. ڪن ماڻھن جا گناھہ سندن عدالت ۾ پھچڻ کان اڳي ئي صاف ظاھر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناھہ آخر ۾ ظاھر ٿين ٿا.

25. ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاھر ٿا ٿين ۽ جيڪي ظاھر نہ آھن سي بہ لڪل نہ ٿا رھي سگھن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 5