نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 2:5-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. ڇالاءِ⁠جو خدا ھڪڙو آھي ۽ خدا ۽ ماڻھن جو وچ وارو بہ ھڪڙو ئي آھي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آھي.

6. ھن سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھہ جي مناسب موقعي تي شاھدي ڏني ويئي.

7. انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

8. منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن.

9. ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان.

10. بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.

11. عورت کي گھرجي تہ ماٺ ڪري پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪري.

12. آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورت مرد کي تعليم ڏئي يا مٿس حڪم ھلائي، بلڪ خاموش رھي.

13. ڇالاءِ⁠جو پھريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا.

14. جيئن تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر عورت ٺڳجي ويئي ۽ گناھہ ۾ گرفتار ٿي.

15. تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 2