نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 2:2-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. خاص طرح بادشاھن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ آرام جي زندگي گذاريون.

3. اھا ڳالھہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آھي.

4. ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي.

5. ڇالاءِ⁠جو خدا ھڪڙو آھي ۽ خدا ۽ ماڻھن جو وچ وارو بہ ھڪڙو ئي آھي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آھي.

6. ھن سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھہ جي مناسب موقعي تي شاھدي ڏني ويئي.

7. انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

8. منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 2