نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 1:18-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.

19. ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي.

20. ھمنيوس ۽ سڪندر انھن مان ئي آھن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان باز رھڻ سکن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 1