1. ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد، عيسيٰ مسيح جي حڪم سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.
2. ھي تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان جي ڪري منھنجو سچو فرزند آھي.شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.
3. جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.
4. نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بيانتھا نسبنامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.
5. انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صافدليءَ، نيڪنيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.
6. ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.
7. اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.