19. استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.
20. پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.
21. جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.
22. ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.
23. برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل وَ جان سان وفادار رھجو.“
24. برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.
25. پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو.
26. جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
27. انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.