1. لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيتعنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيتعنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون.
2. ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو.
3. ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“
4. عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِجو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“
5. عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.
6. مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو.
7. پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“