31. تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو.
32. جيڪڏھن ڪو ابنآدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“
33. ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِجو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.
34. اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِجو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.
35. ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.
36. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.
37. ڇالاءِجو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بيڏوھي ٺھرائيندا.“
38. پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“
39. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بيايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.
40. ڇالاءِجو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابنآدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.
41. نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اُٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِجو انھن تہ يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.
42. آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِجو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“
43. ”جڏھن ڪو ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏھن اھو ويران ھنڌن ۾ ڪا جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو، جتي ھو آرام ڪري سگھي. پر کيس آرام نہ ٿو ملي.
44. پوءِ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ موٽي اچڻ تي ھو ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آھي.