1. عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ
2. ”ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو جج رھندو ھو، جنھن کي نہ خدا جو خوف ھو ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ.
3. انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي رنزال رھندي ھئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي ھئي تہ ’جوابدار جي خلاف منھنجو انصاف ڪر.‘
4. جج ڪجھہ وقت تہ ھن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آھي ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ،
5. پر جيئن تہ ھيءَ رنزال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنھنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہتہ ھيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“
6. تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بيانصاف جج ڇا چيو؟
7. تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟
8. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابنآدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“
9. جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ
10. ”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ.
11. فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بيانصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.
12. آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘
13. پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘