17. سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين.
18. ڇالاءِجو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.
19. تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھموطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو.
20. اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.
21. اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي.
22. مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.