1. ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو انھيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جا عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان آھي، خدا جي مرضيءَ سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.
2. ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو.شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.
3. جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صافدليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.