1. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ھن ڳالھہ کان باخبر رھو تہ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڪر جي ڇانوَ ھيٺان ھئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.
2. اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي.
5. تنھن ھوندي بہ خدا انھن مان گھڻن سان راضي نہ ھو، تنھنڪري اھي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.
6. ھي واقعا اسان جي لاءِ سبق آھن تہ جيئن اسين خراب شين جي خواھش نہ ڪريون، جھڙيءَ طرح انھن ٿي ڪئي.
7. نڪي اوھين بتپرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا،۽ بيشرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“