1. تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِجو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي.
2. مطلب تہ ھو اڳتي پنھنجي باقي جسماني زندگي انساني خواھشن موجب نہ، بلڪ خدا جي مرضيءَ موجب گذاري.
3. ڇالاءِجو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوتپرستيءَ، برين خواھشن، شرابخوريءَ، نشيبازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بتپرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي.
4. انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن.
5. پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي.
6. انھيءَ ئي مطلب لاءِ مئلن کي بہ خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي تہ انھن جو جسماني طور تہ ماڻھن وانگر انصاف ٿئي، پر روحاني طور اھي خدا وانگر جيئرا رھن.
7. سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.
8. سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِجو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.